ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه قوم کي يومِ پاڪستان جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ جو هڪ اهم سنگِ ميل آهي. هن چيو ته قراردادِ پاڪستان الڳ وطن جي خواب کي حقيقت بڻائڻ جو بنياد رکيو، جيڪو پاڪستان …
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران قوم کي يومِ پاڪستان جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪون

مزید خبریں
ڪراچي- 23 مارچ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه قوم کي يومِ پاڪستان جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ جو هڪ اهم سنگِ ميل آهي. هن چيو ته قراردادِ پاڪستان الڳ وطن جي خواب کي حقيقت بڻائڻ جو بنياد رکيو، جيڪو پاڪستان جي بانين جي عظيم جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي بانين جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪندي پاڪستان جي قيام کي ممڪن بڻايو. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي قومي يڪجهتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مختلف چئلينجن باوجود پاڪستاني قوم هميشه ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته يومِ پاڪستان اسان کي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ پنهنجي عزم کي ٻيهر ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.











