چين جي صدر پاران سي اي ايل اي جي ڏهين سربراهي اجلاس تي مبارڪن وارو پيغام جاري

بيجنگ -22 مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبيئن رياستن جي تنظيم (سي اي ايل اي) جي ڏهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي مبارڪن وارو پيغام جاري ڪندي چيو ته چين خطي جي ملڪن جو قابل اعتماد دوست ۽ شراڪتدار رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته سي اي ايل اي پنهنجي قيام کان هن وقت تائين لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبيئن خطي ۾ …

بيجنگ -22 مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبيئن رياستن جي تنظيم (سي اي ايل اي) جي ڏهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي مبارڪن وارو پيغام جاري ڪندي چيو ته چين خطي جي ملڪن جو قابل اعتماد دوست ۽ شراڪتدار رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته سي اي ايل اي پنهنجي قيام کان هن وقت تائين لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبيئن خطي ۾ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان عالمي ڏاکڻين ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ سهڪار کي نئين تحريڪ ڏني آهي. شي جن پنگ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته چين لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبيئن ملڪن جي خودمختياري، سلامتي ۽ ترقياتي مفادن جي تحفظ جي حمايت جاري رکندو ۽ ان سان گڏجي عالمي انصاف ۽ برابري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندو. واضح رهي ته ڪولمبيا هن وقت سي اي ايل اي جي گردشي صدارت سنڀالي آهي ۽ تنظيم جو ڏهون سربراهي اجلاس گادي واري شهر بگوٽا ۾ ٿي رهيو آهي.