ايران ۾ حراست هيٺ جاپاني شهرين مان هڪ آزاد

ٽوڪيو -22 مارچ (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير توشي ميتسوموٽيگي اعلان ڪيو آهي ته ايران ۾ حراست هيٺ ٻن جاپاني شهرين مان هڪ کي آزاد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ڄاڻايل شهري، جيڪو جون کان حراست ۾ هو، گذريل اربع تي آزاد ٿيو ۽ آذربائيجان مان هوائي جهاز ذريعي جاپان روانو ٿيو. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو …

ٽوڪيو -22 مارچ (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير توشي ميتسوموٽيگي اعلان ڪيو آهي ته ايران ۾ حراست هيٺ ٻن جاپاني شهرين مان هڪ کي آزاد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ڄاڻايل شهري، جيڪو جون کان حراست ۾ هو، گذريل اربع تي آزاد ٿيو ۽ آذربائيجان مان هوائي جهاز ذريعي جاپان روانو ٿيو. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته حراست هيٺ ٻئي جاپاني شهري جي جلدي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آهن.