ڪراچي -20 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رمضان المبارڪ جي آخري جمعي (جمعة الوداع)، چنڊ رات ۽ خوشين جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي عوام لاءِ سندس خاص پيغام ۾ چيو آهي ته هر سال 20 مارچ تي سڄي دنيا ۾ خوشي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد خوشي، امن ۽ انساني ڀلائي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته …
هر سال 20 مارچ تي سڄي دنيا ۾ خوشي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد خوشي، امن ۽ انساني ڀلائي کي هٿي ڏيڻ آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي -20 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رمضان المبارڪ جي آخري جمعي (جمعة الوداع)، چنڊ رات ۽ خوشين جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي عوام لاءِ سندس خاص پيغام ۾ چيو آهي ته هر سال 20 مارچ تي سڄي دنيا ۾ خوشي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد خوشي، امن ۽ انساني ڀلائي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته خوشي، امن ۽ ڀلائي هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙو سماج قائم ڪري، جتي ماڻهن کي سڪون ۽ تحفظ حاصل هجي. وڏي وزير جمعة الوداع ۽ عيد رات جي خوشين تي عوام کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيندي چيو ته رمضان المبارڪ رحمت، برڪت ۽ مغفرت جو مهينو آهي، جيڪو اسان کي صبر، برداشت ۽ ٻين سان همدردي ڪرڻ سيکاري ٿو. سيد مراد علي شاهه چيو ته حقيقي خوشي ٻين لاءِ سولائي پيدا ڪرڻ ۾ آهي، جڏهن ته سماج ۾ امن ۽ محبت کي وڌائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڀرپور اپاءُ وٺي رهي آهي ۽ چنڊ رات جي موقعي تي خاص سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته رش وارن هنڌن تي احتياط ڪيو، ٻارن جو خاص خيال ڪيو ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي جو ترت اطلاع قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنو وڃي. وڏي وزير ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪرڻ ۽ غير ضروري هجوم کان پاسو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي، جڏهن ته خريداري دوران نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ تي زور ڀريو. وڏي وزير چيو ته عوام خوشيون ذميواري ۽ احتياط سان ملهائين ته جيئن اهي خوشگوار لمحا محفوظ ۽ سڪون ڀريا رهن. هن دعا ڪئي ته رب ڪائنات اسان جي ڌرتيءَ کي خوشحال، پرامن ۽ سدائين سلامت رکي ۽ الله سائين اسان سڀني کي حقيقي خوشي، امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.











