آمريڪا جي 250 هين آزادي واري ڏهاڙي تي صدر ٽرمپ جي تصوير وارو سونو سڪو جاري ڪرڻ جي منظوري

واشنگٽن-20 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي وفاقي اداري ڪميشن آف فائن آرٽس ملڪ جي 250 هين آزادي واري ڏهاڙي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير واري هڪ يادگاري سون جي سڪي واري منصوبي جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته اهڙي طرح جي ڪوششن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريا پيا وڃن. وفاقي قانون آمريڪي ڪرنسي تي زنده صدر جي تصوير لڳائڻ تي پابندي لڳائي ٿو. ٽرمپ انتظاميه يادگاري سون …

واشنگٽن-20 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي وفاقي اداري ڪميشن آف فائن آرٽس ملڪ جي 250 هين آزادي واري ڏهاڙي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير واري هڪ يادگاري سون جي سڪي واري منصوبي جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته اهڙي طرح جي ڪوششن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريا پيا وڃن. وفاقي قانون آمريڪي ڪرنسي تي زنده صدر جي تصوير لڳائڻ تي پابندي لڳائي ٿو. ٽرمپ انتظاميه يادگاري سون جي سڪي کانسواءِ صدر جي تصوير کي هڪ ڊالر جي سڪي تي لڳائڻ جو به منصوبو بڻايو آهي. تجزيه نگارن ٻنهي قدمن کي غير قانوني ۽ موجوده اڳواڻ لاءِ نامناسب قرار ڏنو. آمريڪي سينيٽر جيف مرڪلي تبصرو ڪيو ته سڪن تي بادشاهن ۽ آمرن جو تصويرون هونديون آهن، جمهوري اڳواڻن جو نه. آمريڪي ٽڪسال ۾ آفيس آف ڊزائين مينيجمينٽ جي وقتي چيف ميگن سليوان ٻڌايو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان ڊزائين جي پاڻ منظوري ڏني هئي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڪميشن آف فائن آرٽس جي سمورن ميمبرن کي فارغ ڪري پنهنجي پسند جي ميمبرن کي مقرر ڪيو هو.