ڪراچي-19 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 18 مارچ جي رات ڪراچي ۾ ايندڙ سخت طوفان ۽ تيز برسات کانپوءِ انتظامي ردعمل جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته امدادي ۽ بحالي جي ڪمن جي مڪمل تڪميل تائين فيلڊ ۾ موجود رهن. وڏي وزير کي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ڊي آئي جي ٽريفڪ پير محمد شاهه …
سنڌ جي وڏي وزير پاران 18 مارچ جي رات ڪراچي ۾ ايندڙ سخت طوفان ۽ تيز برسات کانپوءِ انتظامي ردعمل جو جائزو

مزید خبریں
ڪراچي-19 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 18 مارچ جي رات ڪراچي ۾ ايندڙ سخت طوفان ۽ تيز برسات کانپوءِ انتظامي ردعمل جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته امدادي ۽ بحالي جي ڪمن جي مڪمل تڪميل تائين فيلڊ ۾ موجود رهن. وڏي وزير کي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ڊي آئي جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ريسڪيو سرگرمين، رستن جي بحالي ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪمشنر جي رپورٽ موجب برسات ۽ طوفان جو سلسلو شام 7 وڳي کان رات 12 وڳي تائين جاري رهيو جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ 25 ملي ميٽر کان 75 ملي ميٽر تائين برسات رڪارڊ ڪئي وئي. طوفان سبب وڻ ڪرڻ، سائن بورڊز ڪِرڻ ۽ عمارتن کي نقصان پهچڻ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته برسات سان لاڳاپيل حادثن ۾ 15 ڄڻا فوت جڏهن ته 16 زخمي ٿيا جڏهن ته ضلعي بلديه جي علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ 13 فوتگيون رپورٽ ٿيون. وڏي وزير جي هدايتن تي ضلعي انتظاميه، بلدياتي ادارن ۽ هنگامي سروسز فوري طور تي سڄي شهر ۾ ريسڪيو ۽ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو. اهم شاهراهن ۽ رستن تان ڪريل وڻ، سائن بورڊز ۽ ٻيو گند ڪچرو هٽائي اڪثر علائقن ۾ ٽريفڪ جي رواني بحال ڪئي وئي جڏهن ته عملدارن موجب برسات کانپوءِ ڪٿي به وڏي پيماني تي پاڻي بيهڻ يا ڊگهي ٽريفڪ جام جي صورتحال رپورٽ نه ٿي. مراد علي شاهه قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪندي عملدارن کي صورتحال جي مسلسل نگراني جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شهرين جي جان و مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي. سمورا ادارا مڪمل بحالي تائين الرٽ رهن. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ٽي ايم سيز، ٽريفڪ پوليس ڪراچي، ضلعي انتظاميه ۽ ڪي اليڪٽرڪ سميت مختلف ادارن گڏجي هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو. ڊي آئي جي ٽريفڪ پير محمد شاهه ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس جون موبائيل ميڪنيڪل ورڪشاپس سڄي شهر ۾ مقرر ڪيون ويون هيون ته جيئن ڦاٿل شهرين جي مدد ڪري سگهجي ۽ خراب گاڏين کي هٽائي سگهجي. وڏي وزير سمورن ادارن جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وقتائتي ۽ اثرائتي قدمن سان ٽريفڪ جي بحالي ۽ شهرين کي فوري سهولت فراهم ڪئي وئي. عملدارن وڏي وزير کي مختلف اهم شاهراهن تي ڪيل ڪليئرنس آپريشن بابت به آگاهه ڪيو. ڪلب روڊ تي ججمانه جي ويجهو بائونڊري وال ڪرڻ ۽ وڻ ڪِرڻ سبب رستو بند ٿي ويو هو جنهن کي هيوي مشينري ذريعي صاف ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي وئي. ڪلفٽن ويجهو هائوسنگ ڪراسنگ تي هڪ وڏو وڻ ٻنهي لينن تي ڪرڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي هئي جنهن کي ٽريفڪ پوليس ۽ بلدياتي ٽيمن گڏجي ڪارروائي ڪري هٽائي ڇڏيو. راشد منهاس روڊ تي امتياز اسٽور، سي او ڊي ۽ ملينيم جي علائقن ۾ بجلي جا ٿنڀا جهڪي وڃڻ ۽ تارون لڙڪڻ سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي هئي جنهن کي ٽريفڪ پوليس، ڪي اليڪٽرڪ ۽ بلدياتي ادارن گڏجي ختم ڪيو. ايم ٽي خان روڊ تي آمريڪي قونصليٽ جي ويجهو وڻ ڪرڻ سبب مرڪزي شاهراهه بند ٿي وئي هئي جنهن کي مختصر وقت ۾ کولي ڇڏيو ويو. ٻين علائقن ۾ به شاهراهه فيصل، ڪورٽ روڊ، نيشنل هائي وي ۽ سهراب ڳوٺ شامل آهن جتي ڪريل وڻ ۽ گند ڪچرو هٽائي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي. عملدارن موجب نيڪال، صفائي ۽ بحالي جا ڪم سڄي رات جاري رهيا جڏهن ته ڊي آئي جي ٽريفڪ ٻڌايو ته اڪثر اهم شاهراهون گهٽ وقت ۾ کوليون ويون آهن تنهن هوندي به ڪجهه هنڌن تي معمولي گند ڪچرو موجود ٿي سگهي ٿو. وڏي وزير تمام ادارن کي هدايت ڪئي ته مڪمل بحالي تائين فيلڊ ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکن ۽ چيو ته حڪومت هر صورتحال ۾ شهرين سان گڏ بيٺي آهي ان ڪري سمورن متاثر علائقن جي مڪمل صفائي ۽ زندگيءَ جي معمول جي بحالي تائين ڪم جاري رکيو وڃي. هن مختلف ادارن جي وچ ۾ اثرائتي رابطي کي ساراهيندي مستقبل ۾ موسمي سختي سان منهن ڏيڻ لاءِ تياري برقرار رکڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.











