لاڙڪاڻو-19 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مُختلف هنڌن تي ڪارروائيُون ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. بقاپور ٿاڻي جي حد نور پور درگاہ جي ويجهو شڪارپُور ضلعي جي شهر مدئجي سان واسطو رکندڙ ٻن منشيات فروشن محمد حفيظ جتوئي ۽ جاويد جتوئي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٽي مڻ ڏهه ڪلو ڀنگ ۽ الٽو ڪار نمبر BWK092 هٿ ڪري ورتي. ٻئي طرف رحمتپور جي حد ۾ …
لاڙڪاڻو پوليس جُون مُختلف هنڌن تي ڪارروائيُون، ٽي جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-19 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مُختلف هنڌن تي ڪارروائيُون ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. بقاپور ٿاڻي جي حد نور پور درگاہ جي ويجهو شڪارپُور ضلعي جي شهر مدئجي سان واسطو رکندڙ ٻن منشيات فروشن محمد حفيظ جتوئي ۽ جاويد جتوئي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٽي مڻ ڏهه ڪلو ڀنگ ۽ الٽو ڪار نمبر BWK092 هٿ ڪري ورتي. ٻئي طرف رحمتپور جي حد ۾ پوليس نرسنگ ڪاليج واري علائقي مان منشيات فروش محمد صالح ابڙو کي گرفتار ڪري هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري ورتو. جڏهن ته جوابدارن کان خريدارن ۽ لوڪل ڊيلرن بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري منشيات جي فراهمي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي لاڳاپيل پوليس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.











