ڪالعدم تنظيمون عورتن کي هٿيار طور استعمال ڪري معصوم حياتين سان کيڏي رهيون آهن: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا – 19 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪالعدم تنظيمون عورتن کي هٿيار طور استعمال ڪري نه رڳو معصوم حياتين سان کيڏي رهيون آهن پر معاشرتي قدرن، روايتن ۽ عورتن جي وقار کي به شديد نقصان پهچائي رهيون آهن، اهڙا عنصر نه رڳو انسانيت جا دشمن آهن پر بلوچستان جي پرامن ۽ مهذب معاشري کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي …

ڪوئيٽا – 19 مارچ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪالعدم تنظيمون عورتن کي هٿيار طور استعمال ڪري نه رڳو معصوم حياتين سان کيڏي رهيون آهن پر معاشرتي قدرن، روايتن ۽ عورتن جي وقار کي به شديد نقصان پهچائي رهيون آهن، اهڙا عنصر نه رڳو انسانيت جا دشمن آهن پر بلوچستان جي پرامن ۽ مهذب معاشري کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. بلوچستان جي وڏي وزير واضح ڪيو ته حڪومت عورتن جي تحفظ، عزت ۽ باوقار حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ڪنهن کي به عورتن جي استحصال يا غلط استعمال جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته رياست اهڙين ڌرين خلاف پوري قوت سان ڪارروائي جاري رکندي ته جيئن معاشري کي ان ناسور کان پاڪ ڪري سگهجي ۽ عورتن کي محفوظ ۽ باعزت ماحول فراهم ڪري سگهجي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ بلوچستان جي وڏي وزير گوادر ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين منفرد رمضان، عيد وومين مينا بازار منعقد ڪرڻ کي عورتن جي سماجي ۽ معاشي طور خودمختياري کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو.