هانگ ڪانگ – 19 مارچ (اي پي پي) وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ڪيٿي پيسيفڪ ايئرلائن دبئي ۽ رياض لاءِ پنهنجون اڏامون 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئرلائن واضح ڪيو ته مسافرن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ فلائيٽ شيڊول ۾ وڌيڪ تبديليون متوقع آهن. خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي اثرن سبب فضائي آپريشن متاثر ٿيو آهي جڏهن ته تيل …
ڪيٿي پيسيفڪ ايئرلائن پاران دبئي ۽ رياض لاءِ اڏامون 30 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
هانگ ڪانگ – 19 مارچ (اي پي پي) وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ڪيٿي پيسيفڪ ايئرلائن دبئي ۽ رياض لاءِ پنهنجون اڏامون 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئرلائن واضح ڪيو ته مسافرن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ فلائيٽ شيڊول ۾ وڌيڪ تبديليون متوقع آهن. خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي اثرن سبب فضائي آپريشن متاثر ٿيو آهي جڏهن ته تيل ۽ جيٽ فيول جي قيمتن ۾ اضافي سفري خرچ وڌائي ڇڏيا آهن. قنطاس، ايئر نيوزيلينڊ ۽ ٿائي ايئرويز ڪراين ۾ اضافي جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته برٽش ايئرويز جي مالڪ ڪمپني آءِ اي جي امڪاني اضافي کان بچڻ لاءِ اڳواٽ ٻارڻ خريد ڪري ورتو آهي.











