اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز طوفاني برسات سان فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جڏهن ته ڪڻڪ سميت ٻين تيار ٿيل فصلن ۽ باغن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن خيرپور، محرابپور، ڪراچي سميت اتر ۽ لاڙ جي ڪيترن ئي علائقن ۽ شهرن ۾ تيز طوفاني برسات سان آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پهتو آهي. مختلف …
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز طوفاني برسات، آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز طوفاني برسات سان فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جڏهن ته ڪڻڪ سميت ٻين تيار ٿيل فصلن ۽ باغن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن خيرپور، محرابپور، ڪراچي سميت اتر ۽ لاڙ جي ڪيترن ئي علائقن ۽ شهرن ۾ تيز طوفاني برسات سان آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان پهتو آهي. مختلف علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پوڻ سبب تيار ٿيل ڪڻڪ جي فصل توريو سميت مختلف فصلن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ جي لاباري کانپوءِ فصل کرن ۾ فصل پيل هو جنهن کي ٿريشر نه لڳڻ جي ڪري ڪڻڪ جو فصل تباهه ٿي ويو جڏهن ته ان کانسواءِ تيار ٿيل سرنهه (توريو)، ڄانڀي ۽ مال جي گاهه کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. جڏهن ته ڳڙي ۽ طوفان جي ڪري انبن جي باغ سميت مختلف ميون جي باغن کي پڻ نقصان پهتو آهي. برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ بجلي جو نظام پڻ ڌرم ڀرم ٿي ويو.











