لاڙڪاڻو ۾ انتهائي سنگين قسم جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل انعام يافته ڌاڙيل پاران ھٿيار ڦٽا، پوليس وٽ گرفتاري پيش

لاڙڪاڻو – 18 مارچ (اي پي پي)  لاڙڪاڻو ۾ انتهائي سنگين قسم جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل انعام يافته ڌاڙيل ھٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. لاڙڪاڻو پوليس جي ڪامياب آپريشن سبب سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل 20 لک انعام يافته ڏوھاري اوشاق جلباڻي ھٿيار ڦٽا ڪري لاڙڪاڻو پوليس آڏو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو آهي ته پوليس جو ڪچي …

لاڙڪاڻو – 18 مارچ (اي پي پي)  لاڙڪاڻو ۾ انتهائي سنگين قسم جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل انعام يافته ڌاڙيل ھٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. لاڙڪاڻو پوليس جي ڪامياب آپريشن سبب سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل 20 لک انعام يافته ڏوھاري اوشاق جلباڻي ھٿيار ڦٽا ڪري لاڙڪاڻو پوليس آڏو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب چيو آهي ته پوليس جو ڪچي ۾ جاري نجات مھراڻ آپريشن ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي ۽ ڪچي واري علائقي ۾ امن امان جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندو. ھن چيو ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت، ڏوھارين جي خاتمي ۽ علائقي ۾ امن و امان جي قيام لاءِ پرعزم آهي.