يوڪرين کي 26 ارب ڊالرن جي امداد جي فراهمي ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف

 واشنگٽن - 18 مارچ(اي پي پي)آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي انسپيڪٽر جنرل آفيس يوڪرين کي فراهم ڪيل 26 ارب ڊالرن جي امداد بابت رپورٽنگ ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل چيو آهي ته يوڪرين ۾ يو ايس ايڊ طرفان سڌيءَ ريت بجيٽ سهڪار جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل ٺيڪدار گهربل رپورٽ وقت تي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا يا ڪجهه صورتن ۾  رپورٽس …

 واشنگٽن – 18 مارچ(اي پي پي)آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي انسپيڪٽر جنرل آفيس يوڪرين کي فراهم ڪيل 26 ارب ڊالرن جي امداد بابت رپورٽنگ ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل چيو آهي ته يوڪرين ۾ يو ايس ايڊ طرفان سڌيءَ ريت بجيٽ سهڪار جي نگراني لاءِ مقرر ڪيل ٺيڪدار گهربل رپورٽ وقت تي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا يا ڪجهه صورتن ۾  رپورٽس سروي جمع ئي نه ڪرائي وئي. ٻڌڻي ۾ ٻين ملڪن کي فراهم ڪيل آمريڪي امداد ۾ به بي ضابطگين جو جائزو ورتو ويو. هن ٻڌايو ته آمريڪي انتظاميه ان کان اڳ آڊٽ لاءِ يوڪرين سميت 8 ملڪن ۾ ٽيمون موڪليون آهن  ته جيئن فراهم ڪيل امداد جو حساب وٺي سگهجي. هن واضع ڪيو ته انسپيڪٽر جنرل جي آفيس ۾ ڪل وقتي فوجداري جاچ ڪندڙ موجود آهن جيڪي ڪيف  ۾ مقرر آهن ۽ يوڪرين کي ڏنل غير فوجي آمريڪي امداد ۾ ڌوڪو ڏيڻ ۽ بدعنواني جي معاملن جي جاچ ڪري رهيا آهن پر هن انهن ڪيسن جا وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا.