لاڙڪاڻو – 18 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو لاڙڪاڻي شهر اندر روڊن تي بلڊنگ مٽيريل رکڻ ۽ غيرقانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ چنگچي رڪشائن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر کي لاڙڪاڻي شهر جي روڊن تي بلڊنگ مٽيريل رکڻ ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جام ۽ روڊ حادثن جو سبب بڻجندڙ غيرقانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ چنگچي رڪشائن خلاف قلم 144 لڳائڻ جي سفارش …
لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو پاران شهر ۾ بلڊنگ مٽيريل رکڻ ۽ غيرقانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ چنگچي رڪشائن خلاف قلم 144 لڳائڻ جي سفارش

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 18 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو لاڙڪاڻي شهر اندر روڊن تي بلڊنگ مٽيريل رکڻ ۽ غيرقانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ چنگچي رڪشائن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪمشنر کي لاڙڪاڻي شهر جي روڊن تي بلڊنگ مٽيريل رکڻ ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جام ۽ روڊ حادثن جو سبب بڻجندڙ غيرقانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ چنگچي رڪشائن خلاف قلم 144 لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ڏانهن موڪليل هڪ ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هڪ ليٽر لکي ڄاڻايو آهي ته لاڙڪاڻي شهر اندر مختلف روڊن تي غيرقانوني طور عمارتن جي استعمال وارو مٽريل رکي روڊن جي والار ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وڃي ٿي ۽ اهو مٽريل روڊ حادثن جو سبب بڻجي رهيو آهي، لاڙڪاڻي شهر جي روڊن تي بلڊنگ مٽيريل نه رکڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. ڊي سي آفيس پاران ڪمشنر لاڙڪاڻي ڊويزن ڏانهن موڪليل ٻي ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هڪ ليٽر موڪلي لاڙڪاڻي شهر اندر غير قانوني ۽ اڻ رجسٽرڊ چنگچي / رڪشا ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جو گاڏيون هلي رهيون رهيون آهن، جنهن جي ڪري شهر جا روڊ رستا بلاڪ ٿي وڃن ٿا، انهن تي ٽريفڪ رهي ٿي، ان جي ڪري پيادل سفر ڪندڙ ۽ ٻين گاڏين وارن کي تڪليف ٿئي ٿي. ان لاءِ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن اندر اڻ رجسٽرڊ چنگچي/ رڪشائن ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي داخلا کي روڪي قلم 144 لاڳو ڪيو وڃي، ته جيئن عام مسافر تڪليف کان بچي سگهن.











