تھران - 18 مارچ (اي پي پي) ايران اعلان ڪيو آھي ته ھو آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ آبناءِ ھرمز مان گذرندڙ سامونڊي جھازن لاءِ ضابطا تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل ھڪ انٽرويو ۾ چئي. ھن چيو ته منھنجو خيال آھي ته آبناءِ ھرمز ۾ جھازن جي لنگهه لاءِ تازا ضابطا …
جنگ ختم ٿيڻ بعد آبناءِ ھرمز مان گذرندڙ سامونڊي جھازن لاءِ ضابطا تيار ڪنداسين: ايران

مزید خبریں
تھران – 18 مارچ (اي پي پي) ايران اعلان ڪيو آھي ته ھو آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ آبناءِ ھرمز مان گذرندڙ سامونڊي جھازن لاءِ ضابطا تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل ھڪ انٽرويو ۾ چئي. ھن چيو ته منھنجو خيال آھي ته آبناءِ ھرمز ۾ جھازن جي لنگهه لاءِ تازا ضابطا ،قائدا ۽ طريقيڪار تيار ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيئن ان آبي علائقي ۾ ايران ۽ سموري خطي جي مفادن کي نظر ۾ رکندي واضح قائدن جي بنياد تي مستقل بنيادن تي محفوظ نيوي گيشن کي يقيني بڻايو وڃي. ايران جي پرڏيھي وزير آبناءِ ھرمز جي ٻنھي پاسي موجود ملڪن ايران، عمان ۽ گڏيل عرب امارات کي آبناءِ ھرمز ۾ سيڪيورٽي جي ضامن طور ڪم ڪرڻ گھرجي.











