آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون اڍائي سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون

واشنگٽن - 18 مارچ(اي پي پي) آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون اڍائي سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌي 3.79 ڊالر في گيلن تائين پهچي ويون آهن. جيڪا آڪٽوبر 2023ع بعد جي بلند ترين سطح آهي. آمريڪن آٽو موبائل ايسوسي ايشن مطابق اهو اضافو ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪارروائي سبب پيدا ٿيندڙ توانائي بحران کي سامهون رکندي …

واشنگٽن – 18 مارچ(اي پي پي) آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون اڍائي سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌي 3.79 ڊالر في گيلن تائين پهچي ويون آهن. جيڪا آڪٽوبر 2023ع بعد جي بلند ترين سطح آهي. آمريڪن آٽو موبائل ايسوسي ايشن مطابق اهو اضافو ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪارروائي سبب پيدا ٿيندڙ توانائي بحران کي سامهون رکندي آيو آهي. رپورٽ مطابق هڪ مهينو اڳ پيٽرول جي قيمت 2.90 ڊالر في گيلن هئي جڏهن ته ڪيلفورنيا ۾ قيمتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن جيڪي 5.54 ڊالرز في گيلن تائين پهچي ويون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ماضي ۾ پيٽرول جي گهٽ قيمتن کي توانائي پاليسي جي ڪاميابي جي ثبوت طور پيش ڪندو رهيو آهي.