ارجنٽينا صحت جي عالمي اداري کان باضابطا عليحدگي اختيار ڪري ورتي

بيونس آئرس - 18 مارچ(اي پي پي) ارجنٽينا باضابطه طور صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ارجنٽينا جي پرڏيھي وزير سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌائي. ھن چيو ته ارجنٽينا ان فيصلي بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط ذريعي آگاھه ڪيو ھو. ھن چيو ته ويانا ڪنونشن آن لا آف ٽريٽيز تحت ڪنھن به معاھدي …

بيونس آئرس – 18 مارچ(اي پي پي) ارجنٽينا باضابطه طور صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ارجنٽينا جي پرڏيھي وزير سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌائي. ھن چيو ته ارجنٽينا ان فيصلي بابت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط ذريعي آگاھه ڪيو ھو. ھن چيو ته ويانا ڪنونشن آن لا آف ٽريٽيز تحت ڪنھن به معاھدي کان عليحدگي جي نوٽيفڪيشن جي ھڪ سال کانپوءِ اها اثرائتو ٿي ويندي آھي. ھن چيو ته ارجنٽينا صحت جي شعبي ۾ عالمي سھڪار کي ٻه طرفن معاھدن ۽ علائقائي فورسز ذريعي جاري رکندو، جڏھن ته صحت جي پاليسين بابت فيصلن ۾ پنھنجي خودمختياري ۽ اختيارن کي مڪمل طور محفوظ رکندو. واضح رھي ته ارجنٽينا جي حڪومت گذريل سال فيبروري ۾ صحت جي عالمي اداري کان عليحدگي جو اعلان ڪيو ھو.