جيڪب آباد -17 مارچ (اي پي پي) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد احسن ڪمبوه کي عمر قيد ۽ 25 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت موجب جوابدار جي قبضي مان 8 ڪلو آئيس هٿ ڪئي وئي هئي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڀوڳڻو پوندو. …
جيڪب آباد ۾ منشيات جي ڪيس جو فيصلو، جوابدار کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

مزید خبریں
جيڪب آباد -17 مارچ (اي پي پي) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت منشيات رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد احسن ڪمبوه کي عمر قيد ۽ 25 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت موجب جوابدار جي قبضي مان 8 ڪلو آئيس هٿ ڪئي وئي هئي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڀوڳڻو پوندو. جوابدار کي صدر پوليس 17 جولاءِ 2025ع تي شمبي شاهه چوڪي ويجهو گرفتار ڪيو هو.











