سنڌ جي وڏي وزير سول اسپتال ڪراچيءَ جي ترقي ۽ ان کي جديد معيارن مطابق ٺاهڻ لاءِ 100 ارب رپين جي جامع ماسٽر پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سول اسپتال ڪراچيءَ جي ترقي ۽ ان کي جديد معيارن مطابق ٺاهڻ لاءِ 100 ارب رپين جي جامع ماسٽر پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن منصوبي ۾ سنڌ حڪومت طرفان 50 ارب رپين جي گرانٽ پڻ شامل آهي، جڏهن ته عبدالستار ايڌي ميڊيڪل ٽاور تي فوري طور ڪم شروع ڪيو ويندو. هي …

ڪراچي- 16 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سول اسپتال ڪراچيءَ جي ترقي ۽ ان کي جديد معيارن مطابق ٺاهڻ لاءِ 100 ارب رپين جي جامع ماسٽر پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن منصوبي ۾ سنڌ حڪومت طرفان 50 ارب رپين جي گرانٽ پڻ شامل آهي، جڏهن ته عبدالستار ايڌي ميڊيڪل ٽاور تي فوري طور ڪم شروع ڪيو ويندو. هي اهم منصوبو، جنهن لاءِ صوبائي حڪومت طرفان 50 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، اسپتال جي ايراضي کي ٻيڻي ڪرڻ سان گڏ ان جي تاريخي اهميت کي محفوظ رکڻ جو پڻ مقصد رکيو ويو آھي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته رٿا جو مقصد سول اسپتال ڪراچي کي عالمي معيار جي طبي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن توسيعي رٿا تحت اسپتال ۾ موجوده 2142 بسترن کان سواءِ 500 نوان بسترا پڻ شامل ڪيا ويندا. اسپتال جي مجموعي ايراضي ۾ نمايان واڌ ڪئي ويندي. پراڻين ۽ خراب حالت وارين عمارتن ۽ گهٽ استعمال ٿيندڙ کليل جڳهن جي جاءِ تي جديد عمودي ٽاور تعمير ڪيا ويندا. انهن ٽاورن ۾ هڪ خاص ميڊيڪل ٽاور ۽ سرجري وارڊ قائم ڪيو ويندو. ان کان سواءِ نئون آئوٽ پيشينٽ ڊپارٽمينٽ (او پي ڊي)، برنس وارڊ ۽ جيل وارڊ پڻ ٺاهيا ويندا. جديد مرده خانو، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم، انتظامي بلاڪ ۽ نرسن ۽ ڊاڪٽرن لاءِ خاص هاسٽل پڻ منصوبي جو حصو هوندا. وڏي وزير مراد علي شاهه واضح ڪيو ته اسپتال کي جديد بڻائڻ سان گڏ ان جي تاريخي سڃاڻپ کي به محفوظ رکيو ويندو. هن چيو ته ورثي واري عمارت جي مڪمل بحالي ڪئي ويندي ۽ يقين ڏياريو ته نئين تعمير دوران تاريخي عمارتن جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي. اسپتال جي چوڌاري ٽرئفڪ جي پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ منصوبي ۾ روڊن جي توسيع پڻ شامل آهي. اسپتال ڀرسان واقع يعقوب خان روڊ ۽ بيزنجي روڊ کي ويڪرو ڪيو ويندو ته جيئن ايمبولينسن جي اچ وڃ ۾ سولائي ٿئي ۽ مريضن جي منتقلي ۾ سهولت ملي. مراد علي شاهه چيو ته سول اسپتال جي عمارت کي جديد بڻائيندي تاريخي ڍانچن کي محفوظ رکيو ويندو ۽ عوام جي سهولت لاءِ ڀرپاسي وارا روڊ به ويڪرا ڪيا ويندا. هن چيو ته صوبي جي حڪومت جي سهڪار سان شروع ٿيندڙ هي منصوبو اسپتال جي ايراضي کي ٻيڻو ڪرڻ سان گڏ ان جي تاريخي اهميت کي به برقرار رکندو. اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته منصوبي تي عملدرآمد جي نگراني ۽ ان کي تيز ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ماهرن تي ٻڌل هڪ بورڊ قائم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي، جيڪو حڪومت ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل سهڪار کي ظاهر ڪري ٿو. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ چيئرمين نجم شاهه، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، شحت وارو سيڪريٽري طاهر سانگي، سيڪريٽري ٽو سي ايم آصف جميل شيخ، سول اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر خالد بخاري ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر دبیر پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ مشهور سماجي اڳواڻن؛ فيصل ايڌي، مشتاق ڇاپڙا، ڊاڪٽر سعد خالد نياز ۽ شاهد عبدالله پڻ موجود هئا.