لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ٽي ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون ھٿ

لاڙڪاڻو- 16 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ 03 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون ھٿ ڪري ورتي آهي. تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد ۾ آريجا ڦيڙهو روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ 03 ڦورو آمھون سامھون ٿي ويا. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ 03 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. …

لاڙڪاڻو- 16 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ 03 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار، ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون ھٿ ڪري ورتي آهي. تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد ۾ آريجا ڦيڙهو روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ 03 ڦورو آمھون سامھون ٿي ويا. ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ 03 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. جن وٽان 03 پسٽل، ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون هٿ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻوموجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورن جي سڃاڻپ رفيق چنجڻي، نادر عرف اجي ڪلھوڙو ۽ ارسلان ڪلھوڙو جي نالن سان ٿي آهي . ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي شروعاتي ڄاڻ موجب ڄاڻايل ڦورو شهر اندر ٿيل وارداتن/سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث آهن، ڄاڻايل ڦورن جو وليد ٿاڻي جي حد اندر انڊسٽريل ايريا ۾ شهري اشرف سانگي کي ڌاڙي دوران زخمي ڪرڻ واري واردات، ميروخان چوڪ واري علائقي مان ڌاڙي جي واردات، نيو بس ٽرمينل جاويد جنرل اسٽور واري واردات، شيخ زيد واري علائقي مان موٽر سائيڪل ڦرڻ ۽ ٿاڻي الله آباد جي حدن ۾ رند ڪالوني مان موٽر سائيڪل ڦرڻ وارين وارداتن جو سي سي ٽي وي رڪارڊ پڻ موجود آهي. مقابلي دوران ھٿ ڪيل موٽر سائيڪل جي تصديق ڪرڻ تي معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل موٽر سائيڪل شهري گلزار کوسو کان ڦر ڪئي وئي هئي جنهن جو ڪيس ٿاڻي سول لائينز ۾ داخل ٿيل آهي. شهر اندر تازو ٿيل ڏوھن ۾ ملوث گروپ کي ختم ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري لاڳاپيل ڊي ايس پي صدر/سول لائينز سعد جبار، ايس ايڇ او وليد ٿاڻو تصور حيات ۽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ انعامن ۽ اعزازن جا حڪم جاري ڪيا آهن.