پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا خلاف جدوجهد جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا خلاف جدوجهد جو عالمي ڏهاڙو  گذريل ڏينهن 15 جنوري تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد اسلامو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن جو تدارڪ ڪرڻ آهي  جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ملهائجندڙ اهو ڏينهن مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ کي وڌائڻ وارن نقصانڪار تعصب ۽ دقيانوسي تصورن جي ڀيٽ ۽ …

اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا خلاف جدوجهد جو عالمي ڏهاڙو  گذريل ڏينهن 15 جنوري تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد اسلامو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن جو تدارڪ ڪرڻ آهي  جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ملهائجندڙ اهو ڏينهن مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ کي وڌائڻ وارن نقصانڪار تعصب ۽ دقيانوسي تصورن جي ڀيٽ ۽ انهن جي خاتمي جي ضرورت جي ياد ڏيارڻ طور به ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ اسلامي تعاون تنظيم جي 60 ميمبر ملڪن جي حمايت سان 15 مارچ 2022ع تي هڪ ٺهراءُ منظور ڪرڻ کان پوءِ هر سال ان ڏينهن کي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کان پوءِ 15 مارچ تي سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اسلامو فوبيا خلاف جدوجهد جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري،  غيرسرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون، پروگرامز ۽ سيمينار جو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن ان حوالي سان عام ماڻهو کي آگاهي فراهم ڪري سگهجي.