ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 26 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 300 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ …

اسلام آباد-15 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 26 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 300 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16  هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 17 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 هزار ڪيوسڪ، چناب ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 27  هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 23 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 22 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار 800 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 15 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1452.16 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.081 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1145.50 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ آهي، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.536 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشما جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده سطح 644.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.112 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.