لاهور -15 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاڪستان جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت ۾ عالمن ۽ مشائخن جي 20 رڪني وفد گذريل ڏينهن سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اوقاف ۽ مذهبي معاملن بابت صوبائي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري طارق حسن به موجود هئا. ملاقات دوران فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب آپريشن …
چوڌري شجاعت حسين سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ وفد جي ملاقات
لاهور -15 مارچ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاڪستان جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت ۾ عالمن ۽ مشائخن جي 20 رڪني وفد گذريل ڏينهن سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اوقاف ۽ مذهبي معاملن بابت صوبائي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري طارق حسن به موجود هئا. ملاقات دوران فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف ڪامياب آپريشن تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. چوڌري شجاعت حسين عالمن سان ڳالهائيندي چيو ته پرامن معاشري جي قيام ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالمن ۽ مشائخن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسلام امن، محبت، اخوت، رواداري ۽ انساني خدمت جو درس ڏئي ٿو. عالم سڳورا پنهنجي آواز ذريعي اتحاد، مذهبي هم آهنگي ۽ اخوت جي جذبن کي هٿي ڏين. هن چيو ته پاڪ فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ امن جي دشمنن خلاف وڙهي رهي آهي ۽ پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪري امن جو گهوارو بڻائڻو آهي. صوبائي وزير چوڌري شافع حسين عالمن کي اوقاف کاتي ۽ انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ ۾ ڪيل سڌارن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي ڪا به گنجائش ناهي، ملڪ کي دهشتگردي مان نجات ڏيارڻ ۽ ان کي امن جو گهوارو بڻائڻ لاءِ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته پيغام پاڪستان، پاڪستان جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن تي 18 هزار عالمن صحيحيون ڪيون آهن. هن چيو ته پيغام پاڪستان ۾ فرقيواريت، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ آپگهاتي حملن کي حرام قرار ڏنو ويو آهي. ان موقعي تي عالمن ۽ مشائخن ان ڳالهه جو عزم ڪندي چيو ته هو دشمن جي ڪنهن به ايجنڊا ۽ سازش کي پاڪستان ۾ هلڻ نه ڏيندا، هنن چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ هن وقت اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جو حل وحدت ۽ اتحاد ۾ آهي.












