وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شاگئي ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباش

لاهور- 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت جي علائقي شاگئي ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏيندي آپريشن ۾ 6 خوارجين کي مارڻ تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ملڪ مان دهشگردي جي خاتمي تائين …

لاهور- 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت جي علائقي شاگئي ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباس ڏيندي آپريشن ۾ 6 خوارجين کي مارڻ تي سي ٽي ڊي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ملڪ مان دهشگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سي ٽي ڊي سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار ڏينهن رات وطن کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن، جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته هُن سميت سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.