قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي  مبارڪُون

اسلام آباد- 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪ ڏني آهي، ميڊيا آفيس مان جاري بيان مطابق سردار اياز صادق چيو ته ڊيموڪريٽڪ پينل جي صدر عبدالرزاق سيال، سيڪريٽري فرقان ۽ ٻين ڪامياب اميدوارن کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو. اسپيڪر چيو ته نيشنل پريس ڪلب ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۽ خودمختيار صحافت جو مضبوط …

اسلام آباد- 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪ ڏني آهي، ميڊيا آفيس مان جاري بيان مطابق سردار اياز صادق چيو ته ڊيموڪريٽڪ پينل جي صدر عبدالرزاق سيال، سيڪريٽري فرقان ۽ ٻين ڪامياب اميدوارن کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو. اسپيڪر چيو ته نيشنل پريس ڪلب ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۽ خودمختيار صحافت جو مضبوط قلعو آهي، اميد آهي ته نئين قيادت صحافين کي درپيش چئلينجز جو جرئت ۽ عزم سان مقابلو ڪندي. هن چيو ته حڪومت صحافي برادري جي جائز حقن ۽ موقف جي حمايت جاري رکندي، آزاد ۽ ذميوار صحافت کي هٿي وٺرائڻ قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته صحافت جي آزادي لاءِ پارليامنٽ هميشه صحافي برادري سان گڏ بيٺل رهندي، پارليامنٽ صحافين جي حقن، حفاظت ۽ سيفٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ به متفقه قانون سازي ڪئي. هن چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، اميد آهي ته نئين چونڊيل قيادت صحافي برادري جي اعتماد تي پورو لهندي.