اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪي پي ڪي جي علائقي لڪي مروت ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي وزير سي ٽي ڊي اهلڪارن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. …
وفاقي وزير حنيف عباسي پاران لڪي مروت ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪي پي ڪي جي علائقي لڪي مروت ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪرڻ تي سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي وزير سي ٽي ڊي اهلڪارن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪي پي ڪي، جي سي ٽي ڊي جنهن بهادري ۽ لڳن جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي اهلڪارن تي فخر ڪري ٿي، جيڪي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جدوجهد ان ’جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان جي عوام دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ مڪمل طور تي بيٺل آهي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراني قابليت جي تعريف ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته اهڙيون ڪامياب ڪارروائيون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون.











