فيصل ڪريم ڪنڊي پاران سيد نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪُون

پشاور- 14 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سيد نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪ پيش ڪئي آهي. هن سنڌ جي نئين گورنر سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ۽ ڪي پي ڪي جي عوام طرفان مبارڪ پيش ڪئي. هن چيو ته نهال هاشمي هڪ تجربيڪار ۽ پراڻو سياسي ڪارڪن آهي جنهن ڊگهي عرصي تائين قومي سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو …

پشاور- 14 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سيد نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪ پيش ڪئي آهي. هن سنڌ جي نئين گورنر سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي ۽ ڪي پي ڪي جي عوام طرفان مبارڪ پيش ڪئي. هن چيو ته نهال هاشمي هڪ تجربيڪار ۽ پراڻو سياسي ڪارڪن آهي جنهن ڊگهي عرصي تائين قومي سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته کيس يقين آهي ته نهال هاشمي سنڌ جي گورنر طور پنهنجا آئيني ۽ انتظامي فرض ڀرپور انداز ۾ انجام ڏيندو ۽ صوبي ۾ جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ بهتر رابطن ۽ عوامي ڀلائي لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو. هن سيد نهال هاشمي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس قيادت ۾ سنڌ ۾ اداره جاتي هم آهنگي ۽ ترقي جي عمل کي وڌيڪ تقويت ملندي.