ٿر جي مشهور ڳائڻي مائي فاطمه 71 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

حيدرآباد – 14 مارچ (اي پي پي) جڳ مشهور ٿري لوڪ فنڪاره مائي فاطمه 71 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ٿر جي ڀرپور لوڪ روايتن کي محفوط رکندڙ سندس آواز خطي جي ثقافتي ورثي جي لازوال علامت رهندو. هن ڪيترين ئي نسلن جي دلين تي اثر وجهندڙ ۽ ٿر جي لازوال موسيقي ۽ ڪهاڻين کي زنده ڪيو. سندس خانداني ذريعن، سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي انڪشاف ڪيو ته مائي فاطمه …

حيدرآباد – 14 مارچ (اي پي پي) جڳ مشهور ٿري لوڪ فنڪاره مائي فاطمه 71 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ٿر جي ڀرپور لوڪ روايتن کي محفوط رکندڙ سندس آواز خطي جي ثقافتي ورثي جي لازوال علامت رهندو. هن ڪيترين ئي نسلن جي دلين تي اثر وجهندڙ ۽ ٿر جي لازوال موسيقي ۽ ڪهاڻين کي زنده ڪيو. سندس خانداني ذريعن، سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي انڪشاف ڪيو ته مائي فاطمه گذريل هڪ سال کان ڦڦڙن ۽ گڙدي جي بيماري ۾ مبتلا هئي. مائي فاطمه جو لاڏاڻو لوڪ موسيقي ۽ ٿر جي ماڻهن لاءِ وڏو نقصان آهي.