پشاور – 14 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سي ٽي ڊي، ڪي پي ڪي طرفان لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪارروائي کي ساراهيو. ڪي پي ڪي جي گورنر جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڀارتي سرپرستي رکندڙ فتنه الخوارج جي 6 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته سي ٽي ڊي، جي وقت سر ۽ …
فيصل ڪريم ڪنڊي جي، سي ٽي ڊي طرفان لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن جي ساراهه

مزید خبریں
پشاور – 14 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سي ٽي ڊي، ڪي پي ڪي طرفان لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪارروائي کي ساراهيو. ڪي پي ڪي جي گورنر جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، ڀارتي سرپرستي رکندڙ فتنه الخوارج جي 6 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته سي ٽي ڊي، جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي تعريف جوڳي آهي جنهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ دهشتگرد پنهنجي انجام تي پهتا. صوبي جي عوام سيڪيورٽي فورسز جي قربانين ۽ ڪردار کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته فتنه الخوارج جا عنصر ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن ۽ انهن خلاف ڪارروائيون امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان فرض انجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور کا پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته صوبي ۾ امن جي قيام ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اهڙيون ڪامياب ڪارروائيون حوصله افزا آهن ۽ حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.











