صدر آصف علي زرداري پاران افغان طالبان جي پاڪستان جي شهري علائقن کي ڊرون حملن سان نشانو بڻائڻ جي شديد مذمت

اسلام آباد -14 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري افغان طالبان عنصرن پاران گذريل ڏينهن ڪيل انهن ڊرون حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جن جو مقصد پاڪستان ۾ شهري علائقن نشانو بڻائڻ هو. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو ته افغانستان ۾ دهشت ۽ طاقت ذريعي قائم ڪيل غير قانوني حڪومت مسلسل پنهنجن واعدن کان ڦري رهي آهي ته هو …

اسلام آباد -14 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري افغان طالبان عنصرن پاران گذريل ڏينهن ڪيل انهن ڊرون حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جن جو مقصد پاڪستان ۾ شهري علائقن نشانو بڻائڻ هو. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر چيو ته افغانستان ۾ دهشت ۽ طاقت ذريعي قائم ڪيل غير قانوني حڪومت مسلسل پنهنجن واعدن کان ڦري رهي آهي ته هو دهشتگرد گروپن کي محفوظ پناهگاهون فراهم نه ڪندي ۽ هاڻي ان اسلامي دنيا جي هڪ وڏي فوجي طاقت کي چڙ ڏيارڻ جي جرئت ڪئي آهي. صدر چيو ته هن وقت جڏهن افغان دهشتگرد رجيم اسانجي دوست ملڪن سان ڳالهين جي خواهشمند آهي ان اسان جي شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ڳاڙهي لائين کي پار ڪيو جڏهن پاڪستان خطي ۽ اولهه ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته طالبان جي ناجائز ۽ دهشتگرد حڪومت ان ڳاڙهي لائين کي پار ڪري پاڻ مٿان سنگين نتيجا مڙهيا آهن. گذريل ڏينهن ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي شهرين کي نشانو بڻائڻ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو. هن چيو ته افغان ڌرتي کي پاڙيسرين خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. صدر ڪوئيٽا، ڪوهاٽ ۽ راولپنڊي ۾ ڊرون جي ملبي سبب زخمي ٿيل ٻارن ۽ ٻين شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ به ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ جي دفاع ۽ ان جي عوام جي تحفظ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهن.

مزید خبریں