پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪون

اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اها صحافي برادري جي ڀلائي، صحافت جي آزادي کي هٿي ڏيڻ ۽ پريس ڪلب جي وقار ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير نيشنل پريس ڪلب جي …

اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اها صحافي برادري جي ڀلائي، صحافت جي آزادي کي هٿي ڏيڻ ۽ پريس ڪلب جي وقار ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر رزاق سيال، سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان رائو، فنانس سيڪريٽري عابد عباسي ۽ سينيئر نائب صدر احتشام الحق کي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته عثمان خان ۽ بشير چوڌري کي نائب صدر، سحرش قريشي کي (عورت) نائب صدر جڏهن ته عون شيرازي، شيراز گرديزي ۽ جاويد ڀاگٽ کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. وفاقي وزير چيو ته شڪيله جليل جو عورت جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ سٺو سنئوڻ آهي. پنهنجي پوسٽ ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيشنل پريس ڪلب جي نئين قيادت صحافي برابري جي ڀلائي. صحافت جي آزادي کي هٿي ڏيڻ ۽ نيشنل پريس ڪلب جي وقار کي وڌيل بلند ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، منهنجون نيڪ خواهشون نئين چونڊيل قيادت سان گڏ آهن.

مزید خبریں