پاڪ فوج پاران آپريشن غضب للحق تحت افغانستان ۾ ڪامياب فضائي حملا جاري

اسلام آباد - 13 مارچ(اي پي پي) پاڪ فوج جا آپريشن غضب للحق تحت افغانستان ۾ ڪامياب فضائي حملا جاري آھن، جتي پاڪ فوج 12 ۽ 13 مارچ جي رات جو افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي دھشتگردن جي 4 ٺڪاڻن سميت فوجي ٺڪاڻن کي به ڪاميابي سان نشاڻو بڻايو، انھن حملن ۾ پاڪ فوج افغانستان جي گادي واري شھر ڪابل ۾ 313 ڪور جي انفراسٽرڪچر کي به نشاڻو بڻائي …

اسلام آباد – 13 مارچ(اي پي پي) پاڪ فوج جا آپريشن غضب للحق تحت افغانستان ۾ ڪامياب فضائي حملا جاري آھن، جتي پاڪ فوج 12 ۽ 13 مارچ جي رات جو افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي دھشتگردن جي 4 ٺڪاڻن سميت فوجي ٺڪاڻن کي به ڪاميابي سان نشاڻو بڻايو، انھن حملن ۾ پاڪ فوج افغانستان جي گادي واري شھر ڪابل ۾ 313 ڪور جي انفراسٽرڪچر کي به نشاڻو بڻائي تباھه ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق قنڌار ۾ تراوو دھشتگرد ڪيمپ کي به ڪاميابي سان نشاڻو بڻايو ويو. اثرائتي فضائي ڪارروائين دوران قنڌار ۾ ايئ رفيلڊ جي آئل اسٽوريج سائيٽ ۽ ان سان لاڳاپيل لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر به تباھه ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته ھڪ ٻي فضائي حملي دوران صوبي پڪتيا ۾ شير نائو دھشتگرد ڪيمپ کي به نشاڻو بڻايو ويو. آپريشن غضب للحق تحت ڪارروايون ھدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رھنديون.

مزید خبریں