لاڙڪاڻو - 13 مارچ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ٽي ٽي پسٽل ھٿ ڪري ورتو آهي.تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد امير شاهه قبرستان واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڏوھارين کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو،ايس ايس پي لاڙڪاڻوموجب مقابلي دوران ٻنهي طرفن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ ٽي ٽي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ قدير ابڙو جي نالي …
لاڙڪاڻو پوليس پاران مبينا مقابلو، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، ٽي ٽي پسٽل ھٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 13 مارچ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ٽي ٽي پسٽل ھٿ ڪري ورتو آهي.تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد امير شاهه قبرستان واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڏوھارين کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو،ايس ايس پي لاڙڪاڻوموجب مقابلي دوران ٻنهي طرفن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ ٽي ٽي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ قدير ابڙو جي نالي سان ٿي آهي۔ ايس ايس پي لاڙڪاڻو موجب شروعاتي ڄاڻ تحت ڄاڻايل ڦورو تازو ٿيل وارداتن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي۔ ان کان علاوه فرار ٿي ويل ملزمن جي گرفتاري لاءِ ڄاڻايل علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي،ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ڦورن کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائڻ تي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ انعامن ۽ اعزازن جا حڪم جاري ڪيا آهن.











