اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي اڳواڻيءَ ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ وفاقي حڪومت جي پاليسي موجب ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت جي قدمن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انهن قدمن جو مقصد موجوده عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ ذميداراڻي طرزِ حڪمراني، مالي نظم و ضبط ۽ قومي وسيلن جي اثرائتي استعمال کي يقيني بنائڻ آهي. وفاقي حڪومت طرفان ڪابينه ڊويزن ذريعي جاري …
سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ وفاقي حڪومت جي پاليسي موجب ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت جي قدمن جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي اڳواڻيءَ ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ وفاقي حڪومت جي پاليسي موجب ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت جي قدمن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انهن قدمن جو مقصد موجوده عالمي ۽ علائقائي صورتحال جي روشنيءَ ۾ ذميداراڻي طرزِ حڪمراني، مالي نظم و ضبط ۽ قومي وسيلن جي اثرائتي استعمال کي يقيني بنائڻ آهي. وفاقي حڪومت طرفان ڪابينه ڊويزن ذريعي جاري ڪيل ڪفايت شعاري ۽ ٻارڻ جي تحفظ بابت هدايت جي روشنيءَ ۾ سينيٽ چيئرمين سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ فوري طور تي مختلف قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي جنهن جو مقصد خرچن ۾ گهٽتائي، توانائيءَ جو تحفظ ۽ انتظامي معاملن کي اثرائتو بڻائڻ آهي. انساني وسيلن جي انتظام تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ سومر کان خميس تائين 4 ڏينهن تائين ورڪنگ ويڪ لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سينيٽ جي اجلاس جي ڏينهن ۾ اها پاليسي لاڳو نه هوندي ان کان علاوه 50 سيڪڙو عملو آفيس ۾ حاضري رهي فرض انجام ڏيندو جڏهن ته 50 سيڪڙو ملازم ڊيوٽي روسٽر موجب گهرن مان آن لائن طريقي سان ڪم ڪندا ته جيئن سرڪاري معاملن جي رواني برقرار رهڻ سان گڏوگڏ خرچن ۾ به گهٽتائي آڻي سگهجي. گهرن مان ڪم ڪندڙ ملازمن ٽيلي فون، اي ميل، واٽس ايپ ۽ ٻين مواصلاتي ذريعن ذريعي دستياب رهندا ۽ ضرورت پوڻ تي کين فوري طور تي آفيس طلب ڪري سگهبو. توانائيءَ جي تحفظ لاءِ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جي استعمال ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائيءَ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن تحت غير ضروري روشني ۽ برقي اوزارن جي استعمال کي محدود ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڪيفي ٽيريز جي يوٽيلٽي خرچن ۾ پڻ 70 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. ان کان علاوه سينيٽ جي اجلاس ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس سانجهي کان اڳ منعقد ڪيا ويندا ته جيئن توانائيءَ جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ به ڪفايت شعاري قدمن تحت سرڪاري گاڏين جي استعمال ۽ ٽرانسپورٽ خرچن ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي جڏهن ته صرف 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ سهولتن کي ضروري خدمتن لاءِ فعال رکيو ويندو. اهڙيءَ طرح 70 سيڪڙو گاڏيون ان عرصي دوران استعمال ۾ نه آنديون وينديون. اهڙيءَ طرح اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس وڌ کان وڌ ورچوئل پليٽ فارم ذريعي منعقد ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪئي ويندي ته جيئن ميمبرن جي سفر، فيول جي استعمال ۽ ٻين خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. ان کان علاوه ڪميٽي اجلاسن جو انگ به صرف ضروري معاملن تائين محدود رکيو ويندو. قومي ذميداري ۽ يڪجهتيءَ جي اظهار طور تي سينيٽرز رضاڪاراڻي طور تي ٻن مهينن لاءِ پنهنجون پگهارون ۽ مراعتن ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائيءَ تي به اتفاق آهي. ان کان علاوه سينيٽ سيڪريٽريٽ گريڊ 20 ۽ ان کان وڌيڪ آفيسرن يا اهي آفيسر جن جي ماهوار پگهار 3 لک رپيا يا ان کان وڌيڪ آهي، ڪفايت شعاري مهم تحت ٻن ڏينهن جون پگهارون ڏيندا. مالي نظم و ضبط کي يقيني بنائڻ لاءِ مالي سال 26-2025ع جي چوٿين ٽه ماهي دوران نان اي آر اي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. سمورن غير ضروري خريداري فوري طور تي روڪي وئي آهي جڏهن ته صرف اها ئي ضروري خريداري ڪري سگهبي جنهن جي سفارش سينيٽ آسٽيريٽي ڪميٽي ڪندي. ان کان علاوه سرڪاري کاڌن پيتن ۽ آجياڻن کي به عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پرڏيهي وفد جي اچڻ جي صورت ۾ تقريبن جو بندوبست ڪفايت شعاري اصولن تحت ڪيو ويندو. اهي قدم ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته سينيٽ آف پاڪستان وفاقي حڪومت جي مالي نظم و ضبط، توانائيءَ جي تحفظ ۽ قومي معيشت جي استحڪام بابت پاليسين جي مڪمل حمايت ڪن ٿا. سينيٽ سيڪريٽريٽ قومي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ذميداراڻي انتظامي قدم اختيار ڪرڻ ۽ اداره جاتي احتساب جو مثال قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.











