نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي اينٽيگوا ۽ باربوڊا جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اينٽيگوا ۽ باربوڊا جي پرڏيهي وزير اي پي چيٽ گرين سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن تعليم، سفارتي تربيت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن …

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اينٽيگوا ۽ باربوڊا جي پرڏيهي وزير اي پي چيٽ گرين سان ملاقات ڪئي جنهن دوران هن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن تعليم، سفارتي تربيت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ طرفي فورمن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي دولت مشترڪه ۽ گڏيل قومن جي پليٽ فارمن تي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دولت مشترڪه جي ايندڙ سربراه اجلاس دوران ٻيهر مُلاقات تي اتفاق ڪيو. دولت مشترڪه جو سربراه اجلاس نومبر 2026ع ۾ سينٽ جان، اينٽيگوا ۽ باربوڊا ۾ منعقد ٿيندو.

مزید خبریں