ڪراچي- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليمي ۽ ثقافتي ڏي وٺ، عوامي رابطن، امن ۽ استحڪام لاءِ سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي چارلس گڊمين پاران آمريڪا جي آزاديءَ جي 250هين سالگرهه جي موقعي تي آمريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي ۾ منعقد ڪيل “فريڊم …
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ واپار، سيڙپڪاري، تعليمي ۽ ثقافتي ڏي وٺ، عوامي رابطن، امن ۽ استحڪام لاءِ سهڪار وڌائڻ تي زور
ڪراچي- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليمي ۽ ثقافتي ڏي وٺ، عوامي رابطن، امن ۽ استحڪام لاءِ سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي چارلس گڊمين پاران آمريڪا جي آزاديءَ جي 250هين سالگرهه جي موقعي تي آمريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي ۾ منعقد ڪيل “فريڊم 250” استقبالي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه، سکر جي ميئر ارسلان شيخ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر سيد احمد شاهه، پارليامينٽ ميمبرن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ سفارتي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمين پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ معاشي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي نمايان ڪندي چيو ته سندس راءِ موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري، خاص طور تي FMCG شعبي ۾ سيڙپڪاري، کي واپار، معاشي سرگرمين ۽ روزگار لاءِ اهم قرار ڏنو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه آمريڪي عوام کي آزاديءَ جا 250 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي آزادي، جمهوريت، موقعن ۽ پرامن گڏيل بقا جي گڏيل قدرن کي نمايان ڪيو. هن چيو ته آمريڪا کي سڄي دنيا ۾ موقعن جي ڌرتي طور سڃاتو وڃي ٿو، جتي آزادي، عزم ۽ محنت ماڻهن کي پنهنجا خواب حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. آمريڪا ۽ سنڌ جي جمهوري تاريخ جو ذڪر ڪندي اسپيڪر قانون ساز اسيمبلي جي تاريخي ڪردار کي نمايان ڪيو، جنهن 3 مارچ 1943ع تي قيامِ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي. هن چيو ته سنڌ ۾ آزاديءَ جي لفظ جو هڪ خاص تاريخي مفهوم آهي ۽ سنڌ اسيمبلي جو اهو تاريخي ڪردار سنڌ جي عوام لاءِ فخر جو سبب آهي. اسپيڪر ان موقعي تي قائداعظم محمد علي جناح جي آزادي، برابري ۽ مذهبي رواداري واري ويزن جو حوالو ڏيندي سندس تاريخي لفظ به ورجايا ته: “توهان آزاد آهيو، توهان آزاد آهيو ته پنهنجي مندرن ۾ وڃو، توهان آزاد آهيو ته پنهنجي مسجدن ۾ وڃو يا ڪنهن به ٻي عبادتگاهه ۾ وڃو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن بابت اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا لڳ ڀڳ اٺن ڏهاڪن تي مشتمل آهن ۽ اهي لاڳاپا حڪومتن سان گڏ عوامي رابطن، تعليم، واپار، سيڙپڪاري، ترقياتي سهڪار ۽ ثقافتي ڏي وٺ ذريعي پڻ مضبوط ٿيا آهن. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي ايڪسپورٽ لاءِ سڀ کان وڏي واحد ملڪي منڊي آهي، جڏهن ته پاڪستاني آمريڪي برادري ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ اهم پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسپيڪر واضح ڪيو ته “پاڪستان ڏڦيڙ نٿو چاهي، اسان امن چاهيون ٿا.” هن چيو ته اختلافن کي ڳالهين، گڏيل احترام ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. هن پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته پارليامينٽ ڳالهه ٻولهه، گڏيل سمجهه ۽ گڏيل نقطا ڳولڻ لاءِ اهم پليٽ فارم آهي. سيد اويس قادر شاهه پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليمي ۽ ثقافتي ڏي وٺ ۽ نوجوانن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته سنڌ، خاص طور تي ڪراچي، آمريڪي ڪاروباري ۽ ٻين ادارن سان وڌيڪ رابطن لاءِ وسيع موقعا رکي ٿو. تقريب ۾ ڪراچي ۾ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايليسن بليڪ برن، سلطنت عمان جي قونصل جنرل ڪراچي انجنيئر سامي عبدالله سالم الخنجري سميت ٻين سفارتي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته آمريڪا جي آزاديءَ جي 250هين سالگرهه پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جي مستقبل ڏانهن ڏسڻ جو پڻ موقعو آهي. “ڪراچي کان نيويارڪ تائين، اسلام آباد کان واشنگٽن تائين، اسان اهڙي دوستيءَ جو جشن ملهائي رهيا آهيون، جيڪا بدلجندڙ وقت سان گڏ برقرار رهي آهي. اسپيڪر آمريڪي عوام کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا گڏيل احترام، موقعن، ڳالهه ٻولهه ۽ امن جي بنياد تي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا.










