سنڌ جي وڏي وزير سان ايس آر بي جي چيئرمين جي ملاقات، ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه

ڪراچي-12 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايس آر بي کي هدايت ڪئي آھي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي، ٽيڪس چوري خلاف ڪارروائي کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڊجيٽل سڌارن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي ته جيئن ريونييو وصولين ۾ تازي اڳڀرائي کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ شفافيت ۾ اضافو ٿئي.اهڙو اظهار هن سنڌ روينيو بورڊ جي چيئرمين سان هڪ اهم اجلاس …

ڪراچي-12 مارچ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايس آر بي کي هدايت ڪئي آھي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي، ٽيڪس چوري خلاف ڪارروائي کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڊجيٽل سڌارن کي وڌيڪ اڳتي وڌايو وڃي ته جيئن ريونييو وصولين ۾ تازي اڳڀرائي کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ شفافيت ۾ اضافو ٿئي.اهڙو اظهار هن سنڌ روينيو بورڊ جي چيئرمين سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو  اجلاس ۾ سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ۽ هڪ ڏکي دور کانپوءِ مالي سال 26-2025 ۾ صوبي جي مالي بحالي ۾ ان جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪيو. جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته ايس آر بي ريونييو ۾ نمايان واڌ حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ بقايائن جي رڪارڊ وصولي به شامل آهي جنهن جي ڪري هي ادارو سنڌ جي مالي استحڪام جو هڪ اهم ٿنڀو بڻجي سامهون آيو آهي.  ايس آر بي جي چيئرمين ٻڌايو ته فيبروري 2026 ۾ اداري ريونييو ۾ نمايان واڌ ريڪارڊ ڪئي، جنهن جو وڏو سبب ڊگهي ۽ مسلسل ڪوششن کانپوءِ بقايائن جي مد ۾ 9.5 ارب رپين جي غير معمولي وصولي هئي. فيبروري 2026 ۾ مجموعي اوڳاڙي 34.86 ارب رپيا رهي جيڪا فيبروري 2025 ۾ گڏ ٿيل 24.664 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 41 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ کان فيبروري تائين مجموعي اوڳاڙي 225.653 ارب رپيا رهي جيڪا گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ گڏ ٿيل 182.605 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايس آر بي چيئرمين واصف ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته مالي سال 25-2024 ۾ ايس آر بي 306.6 ارب رپين جي تاريخي اوڳاڙي ڪئي جنهن ۾ سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز (ايس ايس ٽي) جي مد ۾ 284.4 ارب رپيا شامل آهن. اها رقم گذريل سال جمع ٿيل 237 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 29.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جون 2025 ۾ ايس آر بي جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مھيني وار اوڳاڙي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا 40.5 ارب رپين کان وڌي وئي. هي اداري جي قيام جي 15 سالن کانپوءِ ڪنهن به مهيني ۾ سڀ کان وڌيڪ اوڳاڙي هئي. بريفنگ موجب پورٽس ۽ ٽرمينلز، ٽيلي ڪميونيڪيشن، بينڪنگ، فرنچائز، انشورنس ۽ ڪانٽريڪٽ ايگزيڪيوشن جا شعبا صوبائي ريونيو ۾ نمايان حصو وجهندڙن ۾ شامل رهيا. پورٽ، ايئرپورٽ ۽ ٽرمينل آپريٽرز جو شعبو سڀ کان وڏو حصيدار رهيو جنهن 40.2 ارب رپيا جمع ڪيا، جڏهن ته ٽيلي ڪميونيڪيشن جو شعبو 24.2 ارب رپين سان ٻئي نمبر تي رهيو. ٻين نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شعبن ۾ بينڪنگ شعبي 20.34 ارب رپيا، فرنچائز سروسز 17.53 ارب رپيا ۽ انشورنس 14.56 ارب رپيا فراهم ڪيا. وڏي وزير ايس آر بي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي ۽ غير دستاويزي سروس فراهم ڪندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. هن ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڊيٽا تي ٻڌل نگراني تي زور ڀريندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آهي ته جيئن موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي بار وڌائڻ کانسواءِ ريونيو ۾ اضافو ڪري سگهجي.اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، چيئرمين سنڌ ريونيو بورڊ واصف ميمڻ، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿر ڪول انرجي بورڊ طارق علي شاهه، اسپيشل سيڪريٽري مالي اصغر ميمڻ، معاشي ماهر اسد سعيد، ايس آر بي جو ڪنسلٽنٽ مشتاق ڪاظمي ۽ مالياتي کاتي توڙي ايس آر بي جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.