پاڪستان ۾ دالين جي مضبوط ويليو چين ذريعي غذائي تحفظ بهتر بنائڻ، غذائيت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽائڻ ممڪن آهي: رانا تنوير حسين

اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ دالين جي مضبوط ويليو چين ذريعي غذائي تحفظ کي بهتر بنائڻ، غذائيت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽائڻ ممڪن آهي. هن ٻُڌايو ته ملڪ ۾ دالين جي سالياني پيداوار 0.7 کان 0.8 ملين ٽن آهي جڏهن ته قومي ضرورت تقريبن 1.6 ملين ٽن آهي، جنهن سبب …

اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ دالين جي مضبوط ويليو چين ذريعي غذائي تحفظ کي بهتر بنائڻ، غذائيت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽائڻ ممڪن آهي. هن ٻُڌايو ته ملڪ ۾ دالين جي سالياني پيداوار 0.7 کان 0.8 ملين ٽن آهي جڏهن ته قومي ضرورت تقريبن 1.6 ملين ٽن آهي، جنهن سبب وڏي انگ ۾ داليون ٻاهران گُهرائڻيون پون ٿيون. هن چيو ته جيڪڏهن ان شعبي ۾ تقريبن 30 سيڪڙو بهتري آندي وڃي ته آمدني واپار ۾ نهايت گهٽتائي اچي سگهي ٿي. هن زرعي تحقيق، بهتر ٻجن ۽ مؤثر پاليسي سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريو. هو پائيدار ترقيءَ واري پاليسي اداري اسلام آباد جي انتظام هيٺ رٿيل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي زوير چيو ته داليون پروٽين جو سستو ذريعو آهن ۽ پائيدار زرعي نظام لاءِ وڏو اهم آهن. هن چيو ته ان شعبي کي مضبوط بڻائڻ سان نه صرف آبادگارن کي سڌيءَ ريت فائدو رستو پر قومي غذائي تحفظ به يقيني بڻائي سگهبو. هن چيو ته بهتر مارڪيٽ معلومات، فصلن جي محفوظ ذخيري جون سهولتون ۽ قومي معيار جي تعين سان ان شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا وڌي سگهن ٿا ۽ هڪ مضبوط ويليو چين جوڙي سگهجي ٿي. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جي زرعي شعبي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي سامهون آيو آهي جنهن سبب چانور ۽ ڪڻڪ جهڙن اهم فصلن جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي. عالمي صورتحال جو حوالو ڏيندي هن چيو ته نار ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب مال برداريءَ جي ڀاڙن ۽ رسڪ انشورنس جي لاڳت ۾ 5 کان وڌيڪ ڀيرا تائين واڌ ٿي چڪي آهي، جنهن سبب زرعي واپار ۽ زرعي لاڳت تي اثر پئجي سگهن ٿا، جڏهن ته هن خاطري ڪرائي ته ايندڙ خريف جي سيزن لاءِ حڪومت ڀاڻ جون قيمتون مستحڪم ڪري رکيون آهن ۽ـ آبادگارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مقامي پيداوار کي يقيني بڻايو ويو آهي.

مزید خبریں