اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر جي بحران جي پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي لاءِ سفارتي رابطا ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ وچ اوڀر ۾ ٽن هفتن کان جاري ڇڪتاڻ، تشدد ۽ هٿياربند حملن جي ڏس ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايران جي …
وچ اوڀر جي بحران جي پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي لاءِ سفارتي رابطا ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي: پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر جي بحران جي پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي لاءِ سفارتي رابطا ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ وچ اوڀر ۾ ٽن هفتن کان جاري ڇڪتاڻ، تشدد ۽ هٿياربند حملن جي ڏس ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ايران جي خلاف بنا جواز حملن جي مذمت ڪئي آهي، اهي حملا اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا جڏهن سفارتي ڪوششون هڪ پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل تائين پهچڻ جي لاءِ جاري هيون. هن چيو ته ان نوعيت جا قدم پوري خطي جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي سگهن ٿا ۽ ان جا ڏورس نتيجا نڪري سگهن ٿا. ترجمان ايران پاران ڀائر ملڪن سعودي عرب، بحرين، اردن، ڪويت، قطر ۽ گڏيل عرب امارات تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن سمورن ڀائر ملڪن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪيو وڃي، اهي اشتعال انگيز حملا نار ڀائر رياستن جي خودمختياري جي کليل خلاف ورزي آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن تازن حملن تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي جيڪي ڀائر ملڪن ترڪيه ۽ آذربائيجان کي نشانو بڻائي ڪيا ويا. هن چيو ته اهي حملا عالمي قانون ۽ رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن جي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ اهي خطي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ طرف وٺي وڃي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته موجوده تڪرار دوران پاڪستان مسلسل ٽن بنيادي نقطن تي زور ڏيندو رهيو آهي جن ۾ رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام، هڪ ٻئي جي خودمختيار علائقن ۾ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ ۽ عالمي قانون سميت گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ڏنل اصولن جي پاسداري ڪرڻ شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحران جي پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي لاءِ سفارتي رابطا ٻيهر بحال ڪيا وڃن. طاهر حسين اندرابي چيو ته ان تڪرار دوران گڏيل عرب امارات ۾ ٻه پاڪستاني شهري مارجي ويا آهن، اسان انهن قيمتي جانين جي زيان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز سوڳوار خاندانن سان گڏجي فوت ٿيندڙ شهرين جي ميتن کي پاڪستان واپس آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪميونٽي سروس جي حوالي سان اسان خصوصي قدم کڻندي خاص طور تي ايران مان پاڪستاني شهرين جي انخلا ۽ خطي جي مختلف جاين تي ڦاٿل پنهنجي شهرين جي مدد لاءِ قدم کنيا آهن. هن چيو ته مرڪزي سطح تي پرڏيهي وزارت جو ڪرائيس مئنيجمينٽ يونٽ 24 ڪلاڪ فعال آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۾ خصوصي سهولت ڊيڪس قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن ڦاٿل پاڪستاني شهرين کي ويزا سهولت، لاجسٽڪس ۽ سفري انتظامن ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جا سفارتي مشنز ميزبان حڪومتن سان ويجهي رابطي ۾ آهن ته جيئن پاڪستاني ڪميونٽي جي لاءِ ضروري قونصلر سهولتون يقيني بڻائي سگهجن. ترجمان چيو ته وزيراعظم ڪميونٽي جي معاونت جي انهن قدمن جي حوالي سان واضح هدايتون جاري ڪيون آهن، اسان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي مڪمل رهنمائي ۽ تعاون سان انهن هدايتن تي عملدرآمد ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سفارتي مشنز خصوصي موبائيل ايپلي ڪيشنز، رجسٽريشن پورٽلز ۽ هيلپ لائينز پڻ شروع ڪيون آهن ته جيئن وقت سر رابطو ۽ مدد فراهم ڪري سگهجي.











