اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو هي دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي جاري رابطن جو …
وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو هي دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي جاري رابطن جو حصو خاص طور تي خطي ۾ تشدد ۽ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڪوششن جي ڏس ۾ آهي. هن چيو ته هي دورو ان وسيع تر سفارتي ڪوششن جو به حصو آهي جنهن تحت پاڪستان خطي ۾ جلد جنگبندي ۽ تشدد جي خاتمي جي لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي ته جيئن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي مسئلن جي حل جي راهه هموار ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته انهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن وزيراعظم ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي رمضان المبارڪ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته وزيراعظم 10 مارچ تي ايران جي رهبر مجتبيٰ خامنه اي جي نالي پنهنجي خط جي تسلسل ۾ ايران جي صدر کي مجتبيٰ خامنه اي پاران ان اهم ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايران ايندڙ سالن ۾ امن، استحڪام، وقار ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن رهندو.











