اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري بجلي صارفين جي شڪايتن جي ازالي کي وڌيڪ مؤثر ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪندي سڀني بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) کي واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان حڪمن جو مقصد صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ سروس ڊليوريءَ ۾ ڪوٽائي ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب …
بجلي صارفين جي شڪايتن جي ازالي کي شفاف بڻائڻ لاءِ سمورن ڊسڪوز کي واضح هدايتون جاري ڪيون آهن: سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري بجلي صارفين جي شڪايتن جي ازالي کي وڌيڪ مؤثر ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪندي سڀني بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) کي واضح هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان حڪمن جو مقصد صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ سروس ڊليوريءَ ۾ ڪوٽائي ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير هدايت ڪئي ته سموريون بجلي ورڇيندڙ ڪمپنيون صارفين جي شڪايتن جي حوالي سان خراب ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن خلاف فوري قدم کڻن. هن هر مهيني 118 پليٽ فارم جي ڊيٽا جي بنياد تي خراب ۽ بهترين ڪارڪردگي ڪندڙ سب ڊويزنن کي نامزد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ته جيئن ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺي سگهجي ۽ بهتر ڪارڪردگي جي حوصله افزائي ڪري سگهجي. وفاقي وزير سمورين بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪسٽمر سروس ڊائريڪٽرز کي صارفين جي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان ذميدار قرار ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي. خاص طور تي هن پشاور (پيسڪو)، هيزڪو (هزاره)، سکر (سيپڪو)، حيدرآباد (حيسڪو) ۽ ڪوئيٽه (ڪيسڪو) ۾ بجلي صارفين جي گهٽ تعداد ۾ شڪايتن جي داخلا تي نوٽيس وٺندي انهن پنجن ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته هو 118 سمارٽ ڪال سينٽر کي صارفين ۾ وڌ کان وڌ متعارف ڪرائين ته جيئن هر صارف ان سهولت کان فائدو حاصل ڪري سگهي. وفاقي وزير سڀني بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين کي 118 ڪسٽمر سروس تحت پنهنجي لائن اسٽاف ۽ آفيسرن کي هدايت جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته هو صارفين جي شڪايتن کي انتهائي ترجيحي بنيادن تي فوري حل ڪن. غير معمولي ڪارڪردگي جا انگ اکر بابت فيصلا اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن 118 سمارٽ ڪال سينٽر جو (اڄ) جائزو ورتو ويو. آڪٽوبر 2025ع کان فيبروري 2026ع دوران ان نظام شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، ان عرصي ۾ 118 پليٽ فارم تي 2020157 ڪالز موصول ٿيون جن مان 1939948 ڪالز کي ڪاميابيءَ سان هينڊل ڪيو ويو. سروس جي فراهميءَ جي شرح 96.09 سيڪڙو رهي جيڪو صارفين سان وقت سر رابطي جي عڪاسي ڪري ٿو. صرف 1.67 سيڪڙو ڪالز ڊراپ ٿيون جيڪي نظام جي مضبوطي ۽ عملي جي پيشيوراڻي مهارت جو چِٽو ثبوت آهي. شڪايتن جي ازالي ۾ انهن پنجن مهينن جي مُدت ۾ پاور سيڪٽر ۾ بجلي صارفين جي ڪل 2451780 شڪايتون رجسٽر ڪيون ويون. انهن من 24397272 شڪايتون يعني 99.49 سيڪڙو کي ڪاميابيءَ سان حل ڪيو ويو. ان دوران سڀني بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. ليسڪو ۾ سڀ کان وڌيڪ 1031685 شڪايتون درج ڪيون ويون جن مان 1027538 شڪايتون حل ڪري 99.60 سيڪڙو شرح برقرار رکي وئي. ميپڪو ۾ 651683 شڪايتون رجسٽر ٿيون جڏهن ته 646908 شڪايتن جو ازالو ڪندي 99.27 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي وئي. فيسڪو ۾ 297182 شڪايتن مان 296161 حل ٿيون، جيڪي 99.66 سيڪڙو بڻجن ٿيون. گيپڪو ۾ 238681 شڪايتون رجسٽر ٿيون ۽ 237802 شڪايتن جو ازالو ڪندي 99.63 سيڪڙو شرح رهي. آئيسڪو 177887 مان 176840 شڪايتون حل ڪري 99.41 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري. سکر (سيپڪو) ۾ 4394 مان 4342 شڪايتون حل ڪيون ويون جيڪي 98.82 سيڪڙو آهن. حيدرآباد (حيسڪو) 19452 مان 19239 شڪايتن جو ازالو ڪيو، انهن جي شرح 98.90 سيڪڙو رهي. پشاور (پيسڪو) ۾ 14860 مان 14609 شڪايتون حل ٿيون جيڪي 98.31 سيڪڙو بڻجن ٿيون. هيزڪو ۾ 3398 مان 3366 شڪايتن جو ازالو ٿيو، انهن جي شرح 99.06 سيڪڙو رهي. ڪوئيٽه (ڪيسڪو) ۾ 9528 مان 9441 شڪايتون حل ٿيون جيڪي 99.09 سيڪڙو آهن. ٽرائبل (ٽيسڪو) ۾ 31 مان 28 شڪايتن جو ازالو ٿيو، جيڪو 99.09 سيڪڙو آهي. ترجمان چيو ته اهي سمورا تفصيل سڀني بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين وچ ۾ بهترين رابطن، تعاون ۽ صارفين جي خدمت لاءِ انهن جي سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. 118 پليٽ فارم نه صرف بجلي جي خدمتن تائين رسائيءَ کي آسان بڻايو آهي پر ان ۾ شفافيت ۽ وقت سر ڪارروائي يقيني بڻائي عوامي اعتماد ۾ غير معمولي اضافو ڪيو آهي. وفاقي وزير جي هاڻوڪن حڪمن ان نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ صارفين کي هر سطح تي رليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار آهن. هي نظام حڪومت جي ان وسيع تر حڪمت عمليءَ جو حصو آهي جنهن جو مقصد پاور سيڪٽر ۾ سروس ڊليوري کي جديد رُخن تي آڻڻ ۽ـ لکين صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته 118 سمارٽ ڪالز سينٽر ان عزم جو هڪ روشن مثال آهي، اسان سڀني صارفين تي زور ڀريون ٿا ته هو بجلي بابت ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ 118 تي رابطو ڪن ۽ ان بهتر سهولت مان فائدو کڻن.











