پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران ناليواري ڊرامه ۽ فلم اداڪار عاصم بخاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ناليواري ڊرامه ۽ فلم جي اداڪار عاصم بخاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته سيد عاصم بخاري جي لاڏاڻي جو ٻُڌي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنهنجي شاندار اداڪاريءَ ذريعي فن جي دنيا ۾ هڪ منفرد مقام ماڻيو ۽ اهو هميشه …

اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ناليواري ڊرامه ۽ فلم جي اداڪار عاصم بخاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته سيد عاصم بخاري جي لاڏاڻي جو ٻُڌي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنهنجي شاندار اداڪاريءَ ذريعي فن جي دنيا ۾ هڪ منفرد مقام ماڻيو ۽ اهو هميشه ياد رکيو ويندو. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ وارثن کي صبر عطا فرماءِ.

مزید خبریں