اسلام آباد _ 12 مارچ (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته قطر پاڪستان کان چانور ۽ ٻي غذائي مصنوعات امپورٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي . پاڪستان جي روانگي واپار ڪندڙن کي قطر جي مارڪيٽ جي ضرورت مطابق سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن . انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن قطر جي واپار بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد …
قطر پاڪستان کان چانور ۽ ٻي غذائي مصنوعات امپورٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد _ 12 مارچ (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته قطر پاڪستان کان چانور ۽ ٻي غذائي مصنوعات امپورٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي . پاڪستان جي روانگي واپار ڪندڙن کي قطر جي مارڪيٽ جي ضرورت مطابق سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن . انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن قطر جي واپار بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر احمد بن محمد السيد سان ورچوئل ملاقات ۾ ڪيو. پاڪستان ۽ قطر اقتصادي سهڪار ۽ فوڊ سيڪيورٽي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي وزيرن ڪاروباري برادري وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ سڌيءَ ريت رابطن ذريعي روانگي واپار ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ انفراسٽرڪچر ، لاجسٽڪس ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . ان کان علاوه ڪراچي پورٽ توسيعي منصوبي سميت مختلف اقتصادي منصوبن ۾ تعاون جي امڪان تي ڳالهيون ڪيون . ڄام ڪمال خان علائقائي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قطر جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو . هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ امن ، استحڪام ۽ ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل جو حامي آهي. پاڪستان علائقائي امن ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ سموريون سفارتي ڪوشش جاري رکيون آهن. پاڪستان مشڪل حالتن ۾ قطر کي غذائي سپلائي چين مضبوط بڻائڻ ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو . ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۽ قطر گڏيل ٽاسڪ فورس کي فعال بڻائڻ ۽ اقتصادي تعاون کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.











