لاڙڪاڻو ۾ مولاء ڪائنات مولا علي عليه جي شھادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو ـ مجلسون ـ ماتمي جلوس برآمد

لاڙڪاڻو 11 مارچ (اي پي پي) پوري دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ 21 رمضان المبارڪ شھادت مولا علي عليه السلام جي سلسلي ۾ انجمنِ پنجتني کچي امام بارگاهه ، امام بارگاهه شاھ ڪربلا جاڙل شاهه ،امام بارگاهه ولايت علي امير المومنين ،امام بارگاهه منظور حسين شاهه ڪاظمي ،امام بارگاهه چھاردہ معصومين عليه السلام   مجلس عزا منعقد ڪئي وئي ۽ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا .ماتمي جلوس  پنهنجي مقرر رستن تان ٿيندي …

لاڙڪاڻو 11 مارچ (اي پي پي) پوري دنيا جيان لاڙڪاڻي ۾ 21 رمضان المبارڪ شھادت مولا علي عليه السلام جي سلسلي ۾ انجمنِ پنجتني کچي امام بارگاهه ، امام بارگاهه شاھ ڪربلا جاڙل شاهه ،امام بارگاهه ولايت علي امير المومنين ،امام بارگاهه منظور حسين شاهه ڪاظمي ،امام بارگاهه چھاردہ معصومين عليه السلام   مجلس عزا منعقد ڪئي وئي ۽ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا .ماتمي جلوس  پنهنجي مقرر رستن تان ٿيندي پاڪستان چوڪ پھتا زنجيرن جو ماتم ڪيو ويو بعد مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنهن کي مولوي منظور حسين سولنگي خطاب ڪندي مصائب قيد بي بي زينب سلام الله عليها بيان ڪيو . لاڙڪاڻو انتظاميا پاران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا. مؤمنين عزادارن جي حفاظت لاءِ ھر جلوس سان  پوليس سان گڏ رينجرز جي آفيسرن ۽  جوانن ۽ ريسڪيو ٽيمون پڻ موجود رھيون مختلف اسڪائوٽ طرفان عزادارن لاءِ فوري طبي امداد ڪيمپس لڳايو ويون .