اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وڏي پئماني تي ڪفايت شعاري قدم لاڳو ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اهو نوٽيفڪيشن وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي ڪفايت شعاري مهم تحت جاري ڪيو ويو آهي. ڪفايت شعاري مهم تحت 70 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي هدايت تي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڪفايت شعاري قدم لاڳو
اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وڏي پئماني تي ڪفايت شعاري قدم لاڳو ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اهو نوٽيفڪيشن وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي ڪفايت شعاري مهم تحت جاري ڪيو ويو آهي. ڪفايت شعاري مهم تحت 70 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسيمبلي ميمبرن جي ٻن مهينن جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي. پارلياماني وفد جي پرڏيهي دورن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن يا اهي آفيسر جن جي ماهوار پگهار 3 لک روپيا يا ان کان وڌيڪ آهي، انهن جي ٻن ڏينهن جي پگهار قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ويندي. نوٽيفڪيشن تحت سيڪريٽريٽ ۾ سموري خريداري فوري طور تي بند، صرف اڻٽر روزمره جي ضرورتن لاءِ محدود خريداري جي اجازت هوندي. قومي اسيمبلي ۽ ڪميٽين جا اجلاس سج لهڻ کان اڳ شيڊول ڪيا ويندا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ 80 سيڪڙو عمل گهر کان ورچوئل ڊيوٽي سرانجام ڏيندو. ڪفايت شعاري يقيني بڻائڻ لاءِ گهر کان ڪم ڪندڙ 80 سيڪڙو ملازمن کي اضافي الائونس نه ڏنو ويندو. اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس ورچوئل يا آن لائن طريقي سان منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ هفتي ۾ چار ڏينهن ڪم جا هوندا، ڪفايت شعاري پاليسي تحت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن کي محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بجلي جي استعمال ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو، غير ضروري لائٽس ۽ بجلي جا اوزار بند رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڪيفي ٽيرياز جي يوٽيلٽي بلز ۾ 70 سيڪڙو بچت جو فيصلو ڪيو ويو آهي. روايتي خرچن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پيپر ليس ورڪنگ اختيار ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.











