شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ وڻڪاري مُهم جو آغاز

لاڙڪاڻو -11 مارچ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه بھار جي آمد جي مناسبت سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ وڻڪاري مُهم جي باقاعده شروعات ڪئي آهي. ھن مهم جو مقصد ماحولياتي تحفظ کي هٿي ڏيڻ، سرسبز ماحول پيدا ڪرڻ ۽ شاگردن ۾ وڻڪاري بابت شعور اجاگر ڪرڻ آھي.ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه مختلف علائقائي …

لاڙڪاڻو -11 مارچ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه بھار جي آمد جي مناسبت سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ وڻڪاري مُهم جي باقاعده شروعات ڪئي آهي. ھن مهم جو مقصد ماحولياتي تحفظ کي هٿي ڏيڻ، سرسبز ماحول پيدا ڪرڻ ۽ شاگردن ۾ وڻڪاري بابت شعور اجاگر ڪرڻ آھي.ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه مختلف علائقائي وڻن سان گڏ ميون جا وڻ پڻ لڳايا ۽ چيو ته وڻ لڳائڻ سان نه رڳو ماحول خوبصورت ٿئي ٿو پر انساني زندگيءَ لاءِ به صاف ۽ صحتمند فضا پيدا ٿئي ٿي. ھن چيو ته ادارن اندر وڻڪاري کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آھي ۽ سڀني کي ان قومي ذميواري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ڊين سرجري اينڊ الائيڊ پروفيسر ڊاڪٽر شاهده مگسي ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حسين سومرو به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ان مهم ۾ وائيس پرنسپل ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو، ڪميونٽي ميڊيسن جي سربراهه پروفيسر سعيد احمد شيخ، بايو ڪيمسٽري جي سربراهه پروفيسر غلام سرور شيخ، ڊائريڪٽر ORIC ڊاڪٽر مير حسن کوسو، آءِ ٽي ڊائريڪٽر وحيد زمان ۽ سيڪيورٽي انچارج ڪامران عباسي پڻ ٻوٽا لڳايا. تقريب جي آخر ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، اداري جي ترقي ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي.