پشاور-11 مارچ (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب شانگله ۾ شديد برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا. واقعو شانگله جي علائقي مني واڙي ۾ پيش آيو جتي برسات دورن هڪ گهر تي وڄ ڪئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 سالن جو محمد ولد بخش، سندس گهرواريءَ ۽ سندس 5 سالن جو معصوم پٽ مراد علي شاهه …
شانگله ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا فوت

مزید خبریں
پشاور-11 مارچ (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) موجب شانگله ۾ شديد برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا. واقعو شانگله جي علائقي مني واڙي ۾ پيش آيو جتي برسات دورن هڪ گهر تي وڄ ڪئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 سالن جو محمد ولد بخش، سندس گهرواريءَ ۽ سندس 5 سالن جو معصوم پٽ مراد علي شاهه شديد زخمي ٿي بيهوش ٿي ويا. ضلعي انتظاميه ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، امداد پهچڻ تائين ٽئي زخمي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي چڪا هئا. صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (پي اي او سي) طرفان جاري ڪيل پي ڊي ايم اي جي روزاني صورتحال جي رپورٽ موجب واقعي ۾ گهرن، اسڪولن، پالتو جانورن يا ٻي اسٽرڪچر کي ڪو نقصان ناهي پهتو.











