اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته خطي جي سنجيده صورتحال تي سياست ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، مئي 2025ع ۾ جڏهن ڀارت اڳرائي ڪئي ته اسان جي سويلين ۽ عسڪري قيادت ان جو ڀرپور جواب ڏنو، مئي 2025ع جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام جو اتحاد تحسين جوڳو هو. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي هڪ بيان ۾ هن …
خطي جي سنجيده صورتحال تي سياست ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، مئي 2025ع جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام جو اتحاد تحسين جوڳو هو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته خطي جي سنجيده صورتحال تي سياست ڪرڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، مئي 2025ع ۾ جڏهن ڀارت اڳرائي ڪئي ته اسان جي سويلين ۽ عسڪري قيادت ان جو ڀرپور جواب ڏنو، مئي 2025ع جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام جو اتحاد تحسين جوڳو هو. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان پهرين به واضح ڪري چڪا آهيون ته پاڪستان ان جنگ جو حصو نه بڻجندو، اهو چوڻ درست ناهي ته اسان ڪنهن ملڪ سان گڏجي ٻئي ملڪ تي حملي آور ٿينداسين. هن چيو ته سعودي عرب سان اسان جو دفاعي معاهدو آهي جنهن تحت حرمين الشريفين جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، پاڪستان ايران تي حملي جي مذمت ڪئي، آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي سرڪاري سطح تي مذمت ڪئي وئي. هن چيو ته هن وقت عرب ملڪن ۽ نار ۾ به ڳڻتي جي صورتحال آهي جنهن کي اسان سنجيدگيءَ سان ڏسي رهيا آهيون، ان معاملي تي پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ ورتو ويو، مخالف ڌر ۽ حڪومتي بينچز کي ڳالهين جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله ۽ مان مخالف ڌر ليڊر جي چيمبر ۾ دعوت ڏيڻ وياسين ته اوهان ان صورتحال تي اِن ڪئميرا بريفنگ ۾ اچن پر افسوس ته مخالف ڌر ان بريفنگ جو بائيڪاٽ ڪيو.











