اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جاري مشاورت جي حوالي سان …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جاري مشاورت جي حوالي سان پڻ پنهنجي راءِ جي مٽاسٽا ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي سميت دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل رابطي ۽ سفارتي رابطن کي جاري رکڻ انتهائي اهم آهي.











