اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊن جي سفير اليگزينڊرا برگ وان ان لنڊي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن طرفان عالمي صورتحال ۽ ان جي امڪاني اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه وزارت مان جاري بيان موجب سوئيڊن جي سفير وفاقي وزير کي آرڪٽڪ سرڪل اسيمبليءَ ۾ …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان سوئيڊن جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊن جي سفير اليگزينڊرا برگ وان ان لنڊي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن طرفان عالمي صورتحال ۽ ان جي امڪاني اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه وزارت مان جاري بيان موجب سوئيڊن جي سفير وفاقي وزير کي آرڪٽڪ سرڪل اسيمبليءَ ۾ شرڪت جي دعوت ملڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته عالمي برادري ان حقيقت کان آگاهه ٿي رهي آهي ته موسمياتي مسئلا سرحدن تائين محدود ناهن پر عالمي سطح تي گڏيل قدمن جا گهرجائو آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي ملڪ جيڪي گليشيئرز پگهرجڻ سان سڌيءَ ريت متاثر ٿي رهيا آهن، جن کي آرڪٽڪ خطي جي ملڪن ۽ هماليائي سلسلي سان واڳيل ملڪن خاص ڪري پاڪستان، ان جو ويجهو سهڪار نهايت ضروري آهي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح جي سهڪار سان تحقيق ۽ گڏيل پاليسي قدمن کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي ته جيئن موسمياتي تبديلي ۽ گليشيئرز جي پگهرجڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز جو مؤثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي. سفير موسمياتي قدمن جي حوالي سان سوئيڊن جي نقطهءِ نظر تي روشني وجهندي چيو ته سوئيڊن موسمياتي مسئلن کي صرف ترقياتي روشنيءَ ۾ نه پر نجي شعبي جي فعال شمولت سان گڏ ڏسي ٿو. ان سلسلي ۾ هن وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته سوئيڊن جو مالياتي ادارو اسڪينڊينيوسڪا اينسڪيلڊ ابينڪن (ايس اي بي) جو پهرين ئي گرين قرضن جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ پاڻي، بنيادي ڍانچي ۽ توانائيءَ جي رٿائن لاءِ هڪ گهڻ ملڪي فنڊ قائم ڪرڻ جي امڪان جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن ٻُڌايو ته انهن قدمن جو مقصد ڪمپنين کي موسمياتي نوعيت جي رٿائن ۾ سيڙپڪاريءَ دوران پيش ايندڙ خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ سفير موسمياتي تبديلي واري وزارت خاص ڪري نيشنل ڊيزگنيٽڊ اٿارٽي معاونت ۽ رابطا ڪاري جي درخواست به ڪئي. وفاقي وزير ان تجويز جي آجيان ڪندي ان ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ تجويز ڏني ته ايندڙ هفتي وزارت ۽ ايس اي بي جي نمائندن وچ ۾ هڪ تفصيلي اجلاس منعقد ڪيو وڃي ته جيئن ان منصوبي ۽ امڪاني سهڪار جي رُخن تي وڌيڪ غور ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ خاص ڪري پاڻي، بنيادي ڍانچي ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ موسمياتي سيڙپڪاريءَ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن.











