ٻن ڏهاڪن کان حڪومت جي ڪل آمدني مجموعي قومي پيداوار جي تقريبن 30 سيڪڙو ويجهو مستحڪم رهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان حڪومتن جي ڪل آمدني انهن ملڪن جي مجموعي قومي پيداوار جي تقريبن 30 سيڪڙو جي ويجهو مستحڪم رهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف ڊيٽا بيس جي 2026ع ايڊيشن ۾ ٻُڌائي وئي آهي. رپورٽ موجب جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس محصولن ۾ 2000ع کان پوءِ کان واڌ جو رجحان جاري …

اسلام آباد-10 مارچ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان حڪومتن جي ڪل آمدني انهن ملڪن جي مجموعي قومي پيداوار جي تقريبن 30 سيڪڙو جي ويجهو مستحڪم رهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف ڊيٽا بيس جي 2026ع ايڊيشن ۾ ٻُڌائي وئي آهي. رپورٽ موجب جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس محصولن ۾ 2000ع کان پوءِ کان واڌ جو رجحان جاري آهي. 2000ع ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪس محصولن جو تناسب 1.8 سيڪڙو هو جيڪو 2024ع ۾ وڌي 17.5 سيڪڙو جي سطح تي پهچي ويو. حڪومتي محصولن ۾ ٽيڪس جو حصو بنيادي اهميت رکندڙ آهي. 2000ع جي شروعات کان حڪومتن جي مجموعي آمدنيءَ ۾ ٽيڪسن جو حصو 55 کان 60 سيڪڙو رهيو آهي. رپورٽ موجب حڪومتن جي آمدني جو هڪ نمايان حصو نان ٽيڪس ذريعن مان حاصل ٿئي ٿو جن ۾ گرانٽس، قدرتي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ آمدني، سماجي تحفظ جا فنڊز ۽ ٻيا ذريعا شامل آهن. گرانٽس گهٽ آمدني وارن اُسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ اهم ذريعو آمدني رهي آهي، جڏهن ته 2000ع جي ڏهاڪي جي شروعات کان ان ۾ تقريبن 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ اها جي ڊي پي جي تقريبن 6 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 3 سيڪڙو رهجي وئي آهي.

مزید خبریں